ملڪ ۾ ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پ پ آهي: جونئير ذوالفقار

ملڪ ۾ ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پ پ آهي: جونئير ذوالفقار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻن ڏهاڪن دوران ٿيل ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي، ڪرپشن سبب سنڌ سميت ملڪ جو بنيادي ڍانچو مستحڪم نه ٿي سگهيو آهي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ڪرپشن جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کي منهن ڏيڻ وارو ڍانچو متاثر ٿيو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن تعليم کاتي مان شروع ٿئي ٿي، والدين کي ڪاليج ۾ ٻار داخل ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيڻي پوي ٿي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته منهنجي پنهنجي خاندان تي هيءَ تنقيد ذاتي نه پر سياسي نوعيت جي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو