ملڪ ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه 98 رپيا 82 پئسا مقرر

ملڪ ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه 98 رپيا 82 پئسا مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي سفارش تي خوراڪ ۽ زراعت واري وزارت سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي پرچون قيمت 98 رپيا 82 پئسا في ڪلوگرام مقرر ڪري ڇڏي آهي. خوراڪ ۽ زراعت واري وزارت کنڊ جو اگهه 98 رپيا 82 پئسا في ڪلو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.شگر ايڊوائيزري بورڊ جي سفارش تي سڄي ملڪ ۾ کنڊ جو پرچون اگهه 98 رپيا 82 پيسا في ڪلوگرام مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪمند جي قيمت ۾ 14 رپيا 58 پئسا سيلز ٽيڪس، 5 رپيا 30 پئسا منافعو ۽ شگر ملز جا خرچ، ڊسٽريبيوٽر جو مارجن 25 پئسا، ٽرانسپورٽ جي قيمت 2 رپيا في ڪلو ۽ پرچون فروش جو منافعو 1 رپيا في ڪلو مجموعي قيمت ۾ شامل هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جو اگهه مقرر نه ڪرڻ سبب مارڪيٽ ۾ کنڊ 30 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي آهي.خوراڪ ۽ زراعت واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا ڪمند کي سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي پابند هوندي.ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته وڏن دڪانن تي به کنڊ 125 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 130 رپيا في ڪلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو