ملڪ ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسز ۾ اضافو

ملڪ ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسز ۾ اضافو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسز ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ملڪ جي وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا سميت ٻيا وبائي مرض تيزي سان وڌڻ لڳا آهن. اختيارين موجب گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي ڪيسز ۾ تمام گهڻو اضافو ڏسڻ لاءِ مليو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن.صحت کاتي جي اختيارين موجب صوبي ۾ مليريا جي ڪيسز ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مليريا جي 2 لک 49 هزار 151 ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي مان مليريا جا هڪ هزار 976 ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ڊويزن مان مليريا جا هڪ لک 19 هزار 293، لاڙڪاڻي مان 55 هزار ڪيس سامهون آيا.اختيارين ٻڌايو آهي ته ميرپورخاص مان مليريا جا 30 هزار 953 ڪيس شهيد بينظير آباد مان 20 هزار 858 جڏهن ته سکر مان مليريا جا 17 هزار 777 ڪيسز رپورٽ ٿيا.صحت جي ماهرن چيو آهي ته بيماري پکڙجڻ جي وڏن سببن ۾ ناقص نيڪالي جي نظام جي ڪري مڇرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر احتياطي تدبيرن جي به کوٽ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو