اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستاني حڪومت ملڪ ۾ ڊرون اڏائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪو به ڪمرشل يا خانگي ڊرون اڏايو نه ويندو.ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊرون اڏائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪيو ويو آهي، ۽ خلاف ورزين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.خيبر پختونخواه حڪومت هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪو شڪي ڊرون يا ڊوائيس ملي ٿو ته علائقي کي فوري طور تي گهيري ۾ آندو وڃي، ۽ صرف بم ڊسپوزل يونٽ يا تربيت يافته اهلڪار ئي شڪي مواد کي سنڀاليندا.










