ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر

ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن.نيشنل اي او سي موجب نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو جي مريضن جو انگ 45 ٿي ويو آهي.لڪي مروت ۾ هڪ ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڊي آءِ خان ۾ هڪ ٻار ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي.نيشنل اي او سي جو چوڻ هو ته هلندڙ سال بلوچستان مان 22 ۽ سنڌ مان 12 پوليو جا ڪيس سامهون آيا آهن.ڪي پي ۾ پوليو جا 9، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو