ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پورهيتن جو احتجاج

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پورهيتن جو احتجاج

نئون ڪوٽ(ن سنڌيار)نئون ڪوٽ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سجاڳ گروپ جي پورهيتن جو احتجاج نئون ڪوٽ پريس ڪلب تي سجاڳ گروپ ۽ آل پاڪستان بينظير ويلفيئر سوسائٽي جي پورهيتن تارا چند مڪواڻه،ڀڳوانداس کوکر، ليمون مل ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي پورهيت کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي سنڌ ۾ روز خودڪشي جا واقعا ٿين ٿا پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي سري جيڪڏھن سنڌ حڪومت کان مهانگائي تي ڪنٽرول نٿو ٿئي ته هو گهٽ ۾ گهٽ مزدور جي ڏھاڙي ۾ ته واڌارو ڪري ته جيئن پورهيت پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهي هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ مزدور جي ڏھاڙي وڌائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو