لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سعيده امتياز پاڪستاني مردن پاران هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. سعيده امتياز پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شادي جي حوالي سان لکيو ته پاڪستان جي صورتحال ڏسي مون کي نه ٿو لڳي ته مان ڪنهن پاڪستاني سان شادي ڪرڻ چاهيندس.هن لکيو ته هتي شاديون ناهن ٿيون، مان ڪنهن ٻئي ملڪ مان ماڻهو ڳوليندس.اداڪارا وڌيڪ لکيو ته جيئن هتي جو وزيراعظم هر 2 سالن کانپوءِ تبديل ٿيندو آهي، اهڙي طرح ڪجهه سالن کانپوءِ زالون به تبديل ٿينديون آهن.هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جو نالو ناهي ورتو پر هن شعيب ملڪ جي ثانيه مرزا کان طلاق ۽ ثنا جاويد سان شادي جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ شادي جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، ڪيترن ئي سوشل ميڊيا صارفين جو خيال آهي ته هي سندن ردعمل آهي. شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي جي خبر سامهون اچي وئي.










