ملڪ ۾ هڪ سال دوران آٽي جي قيمتن ۾ حيرت انگيز  اضافو

ملڪ ۾ هڪ سال دوران آٽي جي قيمتن ۾ حيرت انگيز اضافو

آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي اداري (پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس) جي دستاويزن موجب، گذريل هڪ سال دوران ملڪ ۾ آٽي جي قيمتن ۾ حيرت انگيز ۽ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. 10 جولاءِ 2025 جي ڀيٽ ۾ 10 جولاءِ 2026 تائين، هڪ سال جي عرصي ۾ آٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 1250 رپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت چئن ئي صوبن جي وڏن شهرن کي متاثر ڪيو آهي. دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ سال اندر آٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ پشاور ۽ بنون ۾ 1250 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ 1200 رپيا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 1173 رپيا، سکر ۾ 1140 رپيا، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 1100 رپين جو اضافو ٿيو. پنجاب جي شهرن جو رخ ڪجي ته گوجرانوالا ۾ 1083 رپيا، بهاولپور ۾ 1013 رپيا، جڏهن ته سيالڪوٽ، ملتان ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هزار رپين تائين قيمتون وڌيون. ان کان علاوه فيصل آباد ۾ 950 رپيا، لاهور ۾ 850 رپيا ۽ سرگوڌا ۾ 806 رپيا هڪ سال اندر وڌي ويا آهن.انگ اکر ڏيکارين ٿا ته ڪراچي جا شهري هڪ سال اڳ به ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو آٽو خريد ڪري رهيا هئا ۽ اڄ به اتي قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن. ڪراچي ۾ هڪ سال اڳ 20 ڪلو آٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1800 رپيا هئي جيڪا هاڻي وڌي 2900 رپين تائين پهچي وئي آهي.
شهرن جي لحاظ کان قيمتن جو هڪ سال اڳ ۽ هاڻوڪو موازنو:
ڪراچي: 1800 مان وڌي 2900 رپيا
اسلام آباد: 1627 مان وڌي 2800 رپيا
حيدرآباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ خضدار: قيمتون وڌي 2800 رپيا ٿي ويون آهن.
راولپنڊي: 1613 مان وڌي 2786 رپيا
بنون: 1450 مان وڌي 2700 رپيا
سکر: 1400 مان وڌي 2540 رپيا
گوجرانوالا ۽ ملتان: قيمتون وڌي 2533 رپيا
لاڙڪاڻو: 1500 مان وڌي 2500 رپيا
بهاولپور: 1467 مان وڌي 2480 رپيا
سيالڪوٽ: 1467 مان وڌي 2467 رپيا
فيصل آباد: 1400 مان وڌي 2350 رپيا
سرگوڌا: 1494 مان وڌي 2300 رپيا
لاهور: 1400 مان وڌي 2250 رپيا (جتي قيمت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن جي ڀيٽ ۾ نسبتن گهٽ آهي).

پهنجو تبصرو موڪليو