ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئين ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 64 پئسا وڌيو آهي. انٽربئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 229 رپيا 82 پئسا آهي.انٽربئنڪ ۾ 12 سيپٽمبر تائين ڊالر جو اگهه 11 رپيا 7 پئسا وڌي چڪو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 50 پئسا وڌي 236 رپيا آهي.










