ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان چيو آهي ته انشاءالله ڊالر جو ريٽ اڃا وڌيڪ لهندو بروقت فيصلن تي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي مبارڪ ڏيان ٿو ميڊيا سان ڳالائيندي هن چيو ته ڪمرشل بئنڪ ڪافي عرصي کان اوپن مارڪيٽ کان ڪريڊٽ ڪارڊ لاءِ ڊالر هاءِ ريٽ تي خريد ڪري رهيون هيون هن ٻڌايو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 315 رپين جو ٿيو ته اسحاق ڊار مون سان رابطو ڪيو هن پڇا ڪئي ته انٽربئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊلر جو فرق ايترو ڇو ٿي ويو چيئرمين چيو ته مان ٻڌايو ته ڪمرشل بئنڪ ڪريدٽ ڪارڊ لاءِ ڊالر خريد ڪري رهيون آهن ڪمرسل بئنڪن جا ڊالر خريد ڪرڻ سان اوپن مارڪيٽ تي اثر پيو آهي هن چيو ته اسحاق ڊار بروقت فيصلو ڪيو ۽ ڪالهه سرڪلر جاري ڪيو ڪمرشل بئنڪن کي چيو ويو ته ڊالر ايڪسچينج ڪمپنين بدران انٽر بئنڪ کان خريد ڪري سگهجن ٿا ملڪ بوستان چيو ته 31 جولا3 تائين هي ٽيسٽنگ پيريڊ آهي اسحاق ڊار جي فيصلي سان حاجين کي گهڻو فائدو ٿيندو حاجي ڊالر 315 رپين جو وٺي رهيا هئا هڻي 285 رپين جو وٺندا ملڪ بوستان چيو ته ڊالر کي ڪيرائڻ مشڪل ناهي هوندو ان کي برقرار رکڻ ڏکيو هوندو آهي.










