ملڪ کي بنانا ري پبلڪ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه پيا ڇڏيو

ملڪ کي بنانا ري پبلڪ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه پيا ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو ملڪ کي بنانا ري پبلڪ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيا آهيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ کي احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته 22 جولاءِ تي 26 جولاءِ تي احتجاج ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو فيصلو توهين عدالت آهي؟ اسٽيٽ ڪائونسل چيو ته اسان طرفان ٻه آرڊر پاس ڪيا ويا. عدالت چيو ته توهان لکيو آهي ته 20 آگسٽ کانپوءِ ڪنهن به هنڌ احتجاج ڪري سگهو ٿا. عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته مٿس توهين عدالت جو ڪيس لاڳو نٿو ٿئي. جج توهان ڏانهن درخواست موڪلي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته فيض آباد بندش سان قوم جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڊي چوڪ تي احتجاج تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، گذريل فيض آباد ڌرڻي ۾ ايمبولينس ۾ ڪيترا ماڻهو مري ويا؟ حڪمران پارٽي اجازت گهرندي ته پليٽ تي رکي ڏيندا، ڇا توهان پارڪ ۾ احتجاج جي اجازت ڏني؟ پارڪ هڪ پارڪ آهي، ان کي پارڪ رکو.ضابطا ٺاهيو، جڳهه الاٽ ڪريو، توهان ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ملڪ کي بنانا ري پبلڪ ٺاهڻ ۾، ڏسون ته توهين عدالت ٿي آهي يا نه، ان حوالي سان حڪم جاري ڪندس. اسٽيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏني آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جي درخواست پريس ڪلب ٻاهران احتجاج جي آهي، ريلي جي اجازت جو ڪيس چيف جسٽس جي عدالت ۾ آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اهڙي صورتحال سبب ماڻهو اوهان جي ملڪ ۾ نه پيا اچن. اليڪشن ڪميشن وٽ سياسي پارٽين جي اڪائونٽ جا تفصيل موجود آهن. انهن تفصيلن موجب احتجاج ۾ جن پارٽين قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي انهن جا اڪائونٽس منسلڪ ٿي سگهن ٿا، عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني.هي توهين عدالت جي درخواست آهي يا ته کين جيل ۾ وجهندس يا ڇڏي ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو