اسلام آباد)بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.صدر آئين جي آرٽيڪل 48-1 ۽ 101 تحت وزيراعظم جي مشوري تي گورنر بلوچستان مقرر ڪيو. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر لاءِ بي اين پي کان نالو طلب ڪيو هو جنهن کانپوءِ بي اين پي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ جو نالو تجويز ڪيو هو.










