ملڪ جي 5 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي

ملڪ جي 5 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ملڪ جي 5 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي. صحت واري وزارت ۾ قائم ڪيل اينٽي پوليو ليبارٽري موجب ڪراچي جي ڪيماڙي، حيدرآباد، ملتان، ڪوئيٽا ۽ فيصل آباد ضلعن مان پوليو وائرس جا نمونا مليا آهن. انهن نمونن ۾ مليل وائرس سرحد پار جهڙو آهي. هلندڙ سال هن وقت تائين ملڪ ۾ پوليو جا 2 ڪيس ۽ 71 مثبت ماحولياتي نمونا سامهون آيا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ قائم ڪيل اينٽي پوليو ليبارٽري موجب 21 فيبروري کان 27 فيبروري تائين ڪوئيٽا، چمن، پشاور ۽ ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي، ڏکڻ ضلعي ۽ بلوچستان جي ضلعي مستونگ مان گندي پاڻي جا نمونا ورتا ويا جن ۾ پوليو وائرس مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو