اترين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، ٿڌ جي شدت ۾ اضافو

اترين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، ٿڌ جي شدت ۾ اضافو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڪالام وادي مان برفباري سبب ٿڌ وڌي وئي ۽ سياحن جي وڏي انگ ڪالام جو رخ ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي استور جي ميداني علائقن ۾ ڪٿي برسات، ڪٿي برفباري پئي، ديوسائي، برزل ٽاپ ۽ راما ميڊوز ۾ 3 ڏينهن دوران هڪ فٽ کان وڌيڪ برفباري سبب زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي.ٻئي طرف نيلم وادي ۾ تيز برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب جاگران ويلي سميت ٻيا علائقا برفباري سان ڍڪجي ويا آهن.انهي کان علاوه شاهراهه نيلم سميت رابطي وارن روڊن تي گندگي ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي جڏهن ته بٽيان بالا ۾ برفباري سبب وادي ليپه مان پبلڪ ٽرانسپورٽ عارضي طور تي معطل آهي.ٻئي پاسي ڪوئٽه ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ به گرمي پد ۾ گهٽتائي سبب رات جو هلڪي ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو