ملڪ جي موجوده صورتحال دوران چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن: وزيراعظم

ملڪ جي موجوده صورتحال دوران چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن: وزيراعظم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال دوران تڪڙيون چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ قانوني ماهرن، وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تاڙ، ملڪ احمد خان ۽ ملڪ منصور اعواڻ به شريڪ ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي سڀاڻي سپريم ڪوٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت ڪيس جي قانوني ۽ آئيني رخن کان آگاهه ڪيو ويو. ان کان علاوه معاشي ۽ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ امن امان جي صورتحال ان قابل ناهي جو تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن.وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي ٻنپهرن جو پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اجلاس بابت حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف ميمبرن کي سياسي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو