ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي .اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات ۽ ڳڙي پوڻ کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. اسلام آباد کان علاوه سوات، لوئر دير، باجوڙ، مالاڪنڊ سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ به برسات پئي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، خيبرپختونخواهه گلگت بلتستان ۽ ڪشمور ۾ اڄ به برسات پئجي سگهي ٿي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي پوڻ جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽  وچولو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو