اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي مرڪزي ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کان علاوه مري، لاهور، گوجرانوالا، جهلم، حافظ آباد، چيچہ وطني، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُ الدين، شڪر ڳڙهه، ظفروال، سيالڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.خيبرپختونخواهه ۾ سوات، صوابي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.آزاد ڪشمير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، مظفر آباد، ڍيرڪوٽ، سامهاڻي، باغ، نيلم وادي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز اوڀر ڪشمير هو، زلزلو 1 لڳي 40 منٽن تي آيو.يورپي زلزلي مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جو مرڪز ڀارت ۾ پٺاڻ ڪوٽ کان 99 ڪلوميٽر پري هو.زلزلي سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا رهيا.










