ملڪ جي ايئرپورٽن تي بائيوميٽرڪ مشينون لڳائڻ جو فيصلو

ملڪ جي ايئرپورٽن تي بائيوميٽرڪ مشينون لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس تي بائيو ميٽرڪ مشينون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.گهرو وزارت عالمي مسافرن جي بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي، گهرو وزارت ايف آءِ اي کي فوري طور تي قدم کڻڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته بائيو ميٽرڪ تصديق سبب اشتهاري ۽ گهربل جوابدارن کي اندرون ۽ پرڏيهه سفر ڪرڻ ناممڪن هوندو، بائيو ميٽرڪ مشينون، ايئرپورٽس انٽرنيشنل ايميگريشن ڪائونٽرز تي لڳايا ويندا.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بائيو ميٽرڪ سان مسافرن جي بهتر طور طريقي سان جاچ کي يقيني بنايو ويندو. اهڙن قدمن جو مقصد سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر ۽ عالمي معيار موجب بنائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو