ملڪ بدترين معاشي بحران کي منهن ڏي پيو، ڏيوالو نڪري چڪو

ملڪ بدترين معاشي بحران کي منهن ڏي پيو، ڏيوالو نڪري چڪو

نوشهروفيروز (ن س )اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ ۽ مسرور خان جتوئي جي خلاف مورو واقعي ۾ داخل ٿيل پنجن ڪيسن جي ٻڌڻي اي ٽي سي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي ٻڌڻي دوران جج صاحب ٻنهي پاسن جي وڪيلن جا تفصيلي دليل ٻڌا ۽ بعد ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ تاريخ 2 آڪٽوبر مقرر ڪري ڇڏي عدالتي ڪارروائي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضىٰ خان جتوئي چيو ته ملڪ هن وقت بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي جڏهن⁠ ته سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي صورتحال بگڙيل آهي ڏوهارين کي ڇوٽ ملڻ سبب چورن ڌاڙيلن ۽ ڦورن ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي عوام کي روزانو لوٽ مار ۽ ڏوهارين جي دهشت جو شڪار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي جيڪو حڪومت جي نااهلي جو واضع ثبوت آهي غلام مرتضىٰ خان جتوئي چيو ته سنڌ جا مظلوم عوام هن وقت بي يار و مددگار آهن حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي امن روزگار ۽ انصاف ڏيڻ لاءِ فوري طور قدم کڻي

پهنجو تبصرو موڪليو