ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس ڏئي ڇڏي.مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب سرڪاري اسڪيم جي 8 هزار حاجين جو حج ڪوٽا واپس سعودي عرب روانو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حج ڪوٽا واپس نه ڪئي وئي ته کرايه ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ 24 ملين ڊالر اضافي ادا ڪرڻا پوندا. ذريعن موجب مهانگي حج سبب پاڪستانين گهٽ درخواستون جمع ڪرايون، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا حج ڪوٽا واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو