ملير(درياخان شر) ملير ڪينٽ پوليس سعدي ٽائون ويجھو ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري پاڻ کي حساس اداري جا انسپڪٽر سڏرائيندي ٻه ڄڻا گرفتار ڪري ورتا.

گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ عمر شهباز ۽ شاہه زیب طور ٿي آھي. جوابدارن وٽان قبضي مان حساس اداري جا جعلي ڪارڊ ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا. پوليس موجب جوابدار پاڻ کي حساس اداري جا آفیسر ظاھرڪري معصوم شھرین کي ڦريندا۽ بلیڪ میل ڪندا ھئا










