ملير پريس ڪلب لاءِ هڪ ڪروڙ گرانٽ، 50 لک خرچ منظور

ملير پريس ڪلب لاءِ هڪ ڪروڙ گرانٽ، 50 لک خرچ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ملير پريس ڪلب جي عمارت جي تعمير جي لاءِ پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام تحت هڪ ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ڊي ايم سي ملير تحت پريس ڪلب جي سالياني گرانٽ 30 لک روپيا ۽ ايم ڊي اي تحت 20 لک روپيا سالياني مستقل گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهي اعلان هن ملير پريس ڪلب نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملير پريس ڪلب جي لاءِ سنڌ اطلاعات کاتي پاران سالياني مستقل گرانٽ جو اعلان به جلد ڪيو ويندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملير پريس ڪلب اسانجو پنهنجو آهي، جنهن جي صحافين نه فقط ملير پر پوري صوبي  جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪلب جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ اطلاعات کاتي پاران هر ممڪن سهڪار مهيا ڪيو ويندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملير پريس ڪلب جي صحافين جي رهائشي اسڪيم تي به جلد عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ ايم ڊي اي پاران پريس ڪلب جي ميمبرن کي پلاٽ ڏنا ويندا. هن چيو ته هو پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته آءُ اميد ڪريان ٿو ته هو پنهنجي قلم سان عوام جا مسئلن کي اجاگر ڪندا رهندا ۽ پريس ڪلب جي بهتري جي لاءِ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻيندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي. جڏهن به صحافتي ادارن مان ملازمن کي جبري بيدخل ڪيو ويو يا صحافين تي جبر ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي سڀ کان پهريان آواز اٿاريندي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڏني آهي ته صحافين جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي جي ويزن موجب صحافين جي تحفظ لاءِ بل پاس ڪرايو آهي ته جيئن صحافي پنهنجون ذميواريون بنا خوف جي ادا ڪري سگهن. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته علي زيدي 3 نالن جي صفائي جو ڪراچي جي ماڻهن تي احسان جتائي ٿو باقي 41 نالا جيڪي سنڌ حڪومت صاف ڪري رهي آهي ان جو ذڪر ئي نه ٿو ڪري. هن چيو ته گذريل سال صفائي مهم ۾ علي زيدي 1 لک 20 هزار ٽن ڪچرو نالن مان ڪڍي لينڊ فل سائيٽ تي پهچائڻ بدران  گهٽين ۽ محلن ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. هن چيو ته خدارا ٻيهر ايئن نه ڪجو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جيڪڏهن ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ته شهر لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. ايڊمنسٽريٽر لڳائڻ بابت ڪو به معاهدو نه ٿيو هو. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جيڪڏهن ايڊمنسٽريٽر لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ته ڪراچي وارن جي لاءِ ان کان سٺي ڳالهه نه ٿيندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جو هاڻي نعرو هئڻ گهرجي ته بئرسٽر مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر لڳايو وڃي. ان کان اڳ اطلاعات کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين ملير پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو. تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي وقار مهدي، ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي ايز ساجد جوکيو، راجه رزاق، شاهينه شير علي، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو اڳوڻو چيئرمين سلمان عبدالله مراد، ڊي ايم سي ملير جو اڳوڻو چيئرمين جان محمد بلوچ، اڳوڻي ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ سميت سياسي ، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو