ملير (اسٽاف رپورٽر)ملير ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري ٻن مغوي ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ورتا، جڏهن ته مقابلي دوران ٻن زخمي جوابدارن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،رينجرز ترجمان موجب شاهه لطيف ٽائون واري علائقي دائود شورو ۾ رينجرز ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن ۽ رينجرز وچ ۾ مقابلو ٿي پيو،رينجرز ترجمان موجب مقابلي بعد ٻن زخمي جوابدارن سوڌو 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ڪيلن ۾ علي اڪبر، عاقب، منظور ۽ عمير شامل آهن،رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران شاهه فيصل ڪالوني مان اغوا ٿي ويل ٻن ٻارڙن روحن ۽ رحيم کي بازياب ڪرايو ويو،جوابدارن مغوين جي وارثن کان 5 ڪروڙ رپيا ڀُنگ طلب ڪيو هو، گرفتار ڪيل سمورا جوابدار پوليس حوالي ڪيا ويا آهن










