ملير مان بين الصوبائي منشيات فروش گرفتار، ڪيس داخل

ملير(درياخان شر) قائدآباد پوليس پاران بین الصوبائي ڊرگ ڊیلر پيء پٽ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. اسپتال چورنگي ويجھو ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هڻي ٻنهي جوابدارن کي منشیات سمیت گرفتار ڪيوويو. پولیس موجب جوابدارن وٽان ست ڪلو کان وڌيڪ فائن ڪوالٽي جو چرس ۽ روڪ رقم به ھٿ ڪئي وئي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار حبیب الرحمن عرف چاچا ۽ عبدالخالق جي خلاف ملير جي مختلف ٿاڻيڻ تي ڪيس داخل آھن. گرفتار جوابدار پنهنجي  نیٽ ورڪ جي ذریعي ٻين صوبن مان منشیات خريد ڪري ڪراچي جي مختلفن حصن ۾ سپلائي ڪندا ھئا. پولیس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو