ڪراچي ( رپورٽر ) مليريا ڪنٽرول پروگرام ضلعي ايسٽ پاران مليريا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ۽ جاڳرتا سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ايسٽ ڊاڪٽر شڪيل قريشي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پريوينٽو ڊاڪٽر شمس جوکيو ،ڊاڪٽر انيلا نور، فوڪل پرسن وي بي اين ڊاڪٽر علي رضا ڪئي ريلي ۽ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪندي ڊاڪٽر شڪيل قريشي ۽ ڊاڪٽر شمس جوکيو چيو ته مليريا وبائي مرض آهي جيڪو مڇرن مان جنم وٺي ٿو ۽ مڇر اس پاس جي گندي پاڻي مان پيدا ٿين ٿا ان لاءِ ضروري آهي ته گهرن اڳيان بيٺل گندي پاڻي جو خاتمو آڻجي جيئن مڇر پيدا ٿي نه سگهن ۽ رات جو سمهڻ وقت مڇرداني استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ جسم تي مڪمل ڪپڙا پهري لوشن لڳائي سمهڻ گهرجي جيئن مڇرن جي چڪ کان بچي سگهجي مليريا سان احتياطي قدم کڻي جنگ کٽي سگهون ٿا اسين مليريا جي خاتمي لاءِ جاڳرتا پروگرام ۽ ٻيا جوڳا قدم کنيا آهن










