مليحه لوڌي فارغ، اهم ملڪن جي سفيرن جون مقرريون ۽ بدليون

اسلام آباد(اياز مهر) وزيراعظم عمران خان اقوام متحده ۾ خطاب ۽ آمريڪي دوري تان واپس ايندي ئي پرڏيهي وزارت ۾ وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏني آهي. جن موجب فوري طور تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي کي عهدي تان هٽائي منير اڪرم کي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اعجاز کي هنگري ۾ پاڪسان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي،  نائيجيريا ۾ تعينات احسن ڪي ڪي وڳڻ کي عمان ۾ سفير، ابرار هاشمي کي هوسٽن ۾ قونصل جنرل، عبدالحميد ٽورنٽو ۾ قونصل جنرل ۽ رٽائرڊ ميجر جنرل سعد خٽڪ کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.  پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب عمران احمد جيڪو ٽورنٽو ۾ قونصل جنرل هو تنهن کي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر، خليل هاشمي کي گڏيل قومن جي جنيوا هيڊ ڪوارٽر  ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو ۽ سجاد حيدر جيڪو اتر ڪوريا ۾ هو تنهن ترقي ڏئي ڪويت ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته منير اڪرم  جي والد جي نالي سان حيدرآباد وارو اڪرم واهه منسوب آهي. هو مشرف جي دور ۾ 2002 کان 2008 تائين به اقوام متحده ۾ مستقل مندوب رهي چڪو آهي. جڏهن ته مليحه لوڌي 93 کان 96 ۽ مشرف دور ۾ 99 کان 2002 تائين آمريڪا ۾ سفير رهي چڪي آهي، 2003 کان 2008 تائين برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو