گليڊيئيٽرز ملتان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

گليڊيئيٽرز ملتان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايچ بي ايل پي ايس ايل جي 18هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ملتان سلطانز جي پوري ٽيم صرف 89 رنز تي ڍير ٿي وئي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز جي بيٽنگ لائين پن جيان وکري وئي، ۽ پوري ٽيم 17 اوورن ۾ صرف 89 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان محمد رضوان 44 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ان کان سواءِ ڪو به بيٽر ڪوئيٽا جي بولنگ آڏو بيهي نه سگهيو. ملتان جا 9 رانديگر ته ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. محمد رضوان پاڪستان سپر ليگ ۾ بيٽ ڪيري ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان خرم شهزاد 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته فهيم اشرف ۽ وسيم جونيئر 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. عامر جي بدقسمتي جو سندس جا ٻه آان ڪيچ ڊراپ ڪيا ويا ۽ کيس وڪيٽ نه ملي. پي ايس ايل جي پوائنٽس ٽيبل تي هن وقت ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 6 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز 2 پوائنٽن سان آخري نمبر تي موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو