ملتان: جاويد هاشمي خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل

ملتان: جاويد هاشمي خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل

ملتان(ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ سينئر سياستدان جاويد هاشمي خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جاويد هاشمي جي ٻن ڄاٽن (دامادن) خلاف به بجلي چوري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) جي اختيارين موجب، اهي ڪيس ايس ڊي او ميپڪو جي فرياد تي داخل ڪيا ويا آهن. اختيارين ٻڌايو ته جاويد هاشمي جي گهر جي بجلي ڇنڇر جي شام جو ئي ڪٽي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو