ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروايون، ڏنڊ لاڳو

ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروايون، ڏنڊ لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ فوڊ اٿارٽي پوري صوبي م ملاوٽ ٿيل ۽ خراب صحت واري کير کي وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪارروايون ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو جي هدايتن تي ڪيون ويون. ڪراچي ٽول پلازه تي پڻ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم کير کڻي ويندڙ گاڏين کي چيڪ ڪيو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيمن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ کير جي دڪانن جو معائنو ڪيو. پوري صوبي ۾ گڏيل طور تي ٻه لک ليٽر کان وڌيڪ کير چيڪ ڪيو ويو، جڏهن ته پوري صوبي ۾ 150 کان وڌيڪ کير جي وڏين دڪانن جو معائنو ڪيو ويو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيمن 11570 ليٽر خراب صحت وارو کير موقعي تي ئي ضايع ڪيو ويو. ملاوٽ ٿيل ۽ خراب صحت واري کير کي وڪرو ڪرڻ وارن جي مٿان 19 لک روپين کان وڌيڪ ڏنڊ پڻ مقرر ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ملاوٽ ٿيل ۽ خراب صحت واري کير کي وڪرو ڪندڙن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رکيون وينديون. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف اٿارٽي جي ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو