ملاوٽ واري ايراني تيل جو وڪرو عام ٿي ويو

ملاوٽ واري ايراني تيل جو وڪرو عام ٿي ويو

باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو) پيٽرول پمپ مالڪ ملاوٽ وارو ايراني تيل وڪرو ڪرڻ لڳا آهن جنهن سبب اڪثر ماڻهن جي مموٽر سائيڪلن جون انجڻيون خراب ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ موٽر سائيڪلن جي مستري غلام محمد اعواڻ جو چوڻ آهي ته ملاوٽ واري پيٽرول سبب اڪثر ماڻهن جي موٽر سائيڪلن جو برو حال آهي. هن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته من گهريا ريٽ وصول ڪرن ۽ ملاوٽ واري پيٽرول جي وڪري جو حڪومت نوٽيس نٿي وٺي. شهري وڏي آزار ۾ آهن. غير معياري ۽ اسمگل ٿيل ايراني تيل جو وڏي پئماني تي واپار عروج تي آهي ۽ ميٽر ٽيمپرنگ ذريعي پيٽرول جي گهربل مقدار کان گهٽ هجڻ جون شڪايتون به عام آهن. هن ڪاروبار ۾ وڏي مافيا ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو