ملازمن پاران اسڪولن،آفيسن جي تالا بندي،او پي ڊي جو بائيڪاٽ

ملازمن پاران اسڪولن،آفيسن جي تالا بندي،او پي ڊي جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان )سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري آهي،هڪ هفتي کان سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي،او پي ڊي بائيڪاٽ هلندڙ آهي،خيرپور،ٽنڊو آدم،مدئجي،اڏيرول لال،فيض گنج،باڊهه،فيض گنج سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج جاري آهن،احتجاج ڪندڙن چيو ته ملازم دشمن پاليسيون ختم ڪري ملازمن ۾ بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ مطالبا تسليم ڪيا وڃن……..ميان صاحب ۾ گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ميان صاحب جي استادن عبدالباسط چنا، دانش ٽانوري، برڪت علي چنا، عبدالغفار دايو ۽ ٻين استادن پاران سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي تحريڪ جاري آهي. ستين ڏينهن به اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جو عمل معطل رهيو ۽ استادن ڪلاسن کي تالا هڻي پنهنجو احتجاج جاري رکيو. استادن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي جائز مطالبن جي منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکندا. هنن چيو ته حڪومت بار بار واعدا ڪرڻ باوجود عملي قدم نه پئي کڻي، جنهن سبب استادن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو آهي.احتجاج سبب شاگردن جي تعليم به شديد متاثر ٿي رهي آهي ۽ والدين پڻ پريشاني جو اظهار ڪري رهيا آهن. استادن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندن مطالبا فوري طور تي منظور ڪيا وڃن ته جيئن تعليمي عمل ٻيهر معمول تي اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو