ملازمن جي ملي ڀڳت،سرڪاري دوائون بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

ملازمن جي ملي ڀڳت،سرڪاري دوائون بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر ) صالح پٽ ۾ ھيلٿ جي ملازمن ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن ۾ پڪي ياري سرڪاري دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي اڌ رقمي ۾ وڪرو ٿيڻ لڳيون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جا ٺٺ بر موجب صالح پٽ جي ھيلٿ ملازمن ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي پاڻ ۾ پڪي ياري ٿي وئي عوام لاءِ ايندڙ سرڪاري دوائون ھيلٿ ملازم پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي اڌ رقم ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن واضح رهي تہ علاج لاءِ ايندڙ غريب ۽ بي پھچ ماڻھن کي ڪيتري بہ تڪليف ڇو نہ ھجي ليڪن انھن کي پيناڊول ٽيبليٽ يا ھڪ اڌ سيرپ ڏئي ٿا ڇڏين ، باقي ڳري رقم واري ميڊيسن پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن وري مريضن کي ساڳيون ئي دوا پرچي تي لکي ڏئي چون ٿا تہ ھي دوا توھان ٻاھران وٺو اسان وٽ موجود ناهي لاڳاپيل اعلا انتظاميا کي مؤدبانہ اپيل ٿي ڪجي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو