مقدس ماڳ جي ٿيل بيحرمتي ۽ سياست ۾ نفرتن جو ڇٽيل ٻج

مقدس ماڳ جي ٿيل بيحرمتي ۽ سياست ۾ نفرتن جو ڇٽيل ٻج

محمداسماعيل لانگاھ
مُقدس جڳهن ۾ ڪو به مقام هجي پوء اهو ڪهڙي به مذهب سان وابسطه هجي انهن جو احترام هر مذهب توڙي فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن تي فرض آهي ليڪن اڄ ڪلھ نفسانفسي واري دور ۾ مبتلا اسين انسان حيوانن کان به اڳتي نڪري چُڪا آهيون,احترام ڪرڻ ته پري جي ڳالھ پر بيحرمتي ڪرڻ کي عزت شان ۽ شوڪت سمجهون ٿا, دنيا جي ٻين مذهبن ۾ خاص طور مذھب اسلام کي اعلي درجو مليل آهي ان جو احترام هر مذهب جو ماڻھو ڪري ٿو ۽ مذهب اسلام ۾ ڪنهن کي به ڪنهن تي فوقيت حاصل نه آهي ڪهڙي به مذهب يا فرقي سان وابسطه ماڻھن کي دنيا جي هر مذهب, عبادتگاهن, توڙي پاڪ هنڌن جو احترام ڪرڻ فرض دنيا ۾ ڪٿي به ايئن ناهي جيئن اسين اسلام جا پوئلڳ مسلمان ڪري رهيا آهيون دنيا جي ٻين مذھبن جون جيڪي به پوڄا ڪرڻ واريون جڳهون آهن انهن جو احترام توڙي تقدس ڪڏھن به پائمال نٿي سگهيو آهي جهڙي نموني اسلام جي توهين اسان مسلمان خود ڪري رهيا جنهن پيغمبر جي صدقي اسان کي اشرف المخلوقات جو شرف حاصل آهي اڄ اسان پنهنجي ان شرف , مان شان کي لڄائي ڇڏيو اهڙي ئي ڪيل ڪريل حرڪت جيڪا مسجد نبوي جي احاطي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ لاء جنهن سان هر مسلمان توڙي غير مسلم به ڪنڌ نوائي ڇڏيو
تازو نئين چونڊيل وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا سان سعودي عرب عمري دوران مديني منوره ۾ جيڪا بدتميزي ڪئي وئي اها پي ٽي آء جي وڏي ڪريل سياسي حرڪت ثابت ٿي آھي اهو انسانيت ۾ مسلماني هئڻ جو درس ڪڏھن به نٿو ڏئي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کي رحمت اللعالمين جو درجو مليل آهي ان رحمت اللعالمين ۽ نبين جي سردار جي آڳنڌ تي پي ٽي آء جي ڇڙواڳ ڪارڪنن انسانيت ۽ مذهب جا ليڪا لتاڙي مسجد نبوي جي حاضري ڏيندڙ پاڪستان جي ڪابينا ميمبرن تي جيڪا اُلربازي ڪري نعريبازي ڪئي ان طريقيڪار کي اسلام جو پوئلڳ مسلمان نٿو ھرگز نٿو چئي سگهجي جنهن نبي جا سوا لک انبياء ڪرام ديوانا هجن جتي وقت جاوڏا مفڪر, حُڪمران ,عالم, اولياء ڪرام, صوفي درويش هر عالم انسان پنهنجا ڪنڌ جهڪائي اگھاڙين پيرن پنهنجي حبيب جي حاضري ۽ سلامي ڏين ٿا جتي پوري ڪائنات جُهڪيل رهي ٿي جتي پکي پرندا حضور اقدس جي روضي جي احترام لاء مقرر ٿيل هجن اتي هڪ واهيات سياست کي چمڪائي دنيا کي ٻُڌائڻ ڪو به سٺو سنئوڻ ناهي سياست پنهنجي جاء تي پر حبيب جي روضي جي بي حرمتي ۾ سياسي دشمني نڀائڻ ڪنهن به مذهب ۾ جائز ڪونهي
مسجد نبوي جي اندر تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران پاڪستان جي ڪابينا ميمبرن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ان بابت چيو پيو وڃي ته پي ٽي آء جي اعلي قيادت مسجد نبوي ۾ پهرين کان ئي اهڙي منصوبا بندي طئي ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪارڪنن کي الرٽ ڪيو ويوهو ۽ پاڪستان کان ئي انهن کي هدايتون ملي چُڪيون هيون ۽ چيو پئي ويو ته عمران خان کي هٽائيندڙ جو انجام مسجد نبوي ۾ به برو ٿيندو جيڪو هڪ سياسي مزاحمتي اشارو اڳ ئي ڏنو پئي ويو اهڙيل ڪريل حرڪت کانپوء, سعودي حڪومت مسجد نبوي جي بيحرمتي ڪندڙ تحريڪ انصاف جي 130 وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڏنڊ سميت سخت سزائن جي فيصلي کانپوء سعودي عرب اچڻ تي تاحيات پابندي لڳائي ڇڏي آهي, سعودي عرب اسلامي ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ شهنشاهيت وارو ملڪ آهي جتي ڪنهن به طريقي سان سياسي توڙي غير سياسي ۽ مذهبي فرقي پرستي وارين سرگرمين تي قانون نافذ ٿيل آهي پوء اهي سعودي عرب جا رهاڪو هجن يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا هن واقعي سعودي عرب جي شهنشاهي دور حڪمراني لاء وڏو امتحان کڙو ڪيو آهي هر ملڪ جو الڳ قانون قائم ٿيل آهي دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان هن وقت اندروني طور وڏي سياسي بُحران جو شڪار آهي نه انجا ادار محفوظ آهن نه اسيمبليون نه منسٽر نه وزير نه وري غريب عوام جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو پنهنجو قانون هلائي رهيو آهي عمران خان کي وزارت عظمي تان هٽائڻ کان پوء ملڪ ۾ هڪ سازش تحت جيڪو سياسي نفرتن جو ٻج اڇلايو ويو آهي اهو وڏن ادارن ۽ سياسي ايوانن کان نڪري گهرگهر ڦھلجي ويو آهي بلڪ ايتري قدر جو پوري دنيا اندر پاڪستان جي ان سياسي نفرتن واري ٻج کي اڇلائڻ جون ڪوششون به تيز ڪيون ويون آھن جنهن جو تازو مسجد نبوي وارو واقعو هڪ مثال طور سامهون آيو آهي تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي مسجد نبوي اندر ٿيل هن افسوس ناڪ ۽ واهيات ڪارنامي تي دنيا جا غيراسلامي مذهب پڻ شرمنده ٿي ويا آهن پنهنجي سياسي ڪاوڙ ڪڍڻ لاء تحريڪ انصاف هن وقت پرتشدد مزاحمت لاء نئين نسل کي تيارڪري رهي آهي جنهن جو شاخون دنيا اندر پکيڙيون پيون وڃن هي تاريخ جو پهريون وڏو ڪارنامو تحريڪ انصاف پارٽي پنهنجي سر ڪيو آهي جنهن جا نتيجا ملڪ جي موجوده معاشي توڙي سياسي حالتن لاء خراب نتيجا نڪرندا سعودي عرب پاڪستان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي جنهن جي دوستي ۽ ڀائپي لازوال رهي آهي ان محبت کي نفرتن ۾ تبديل ڪرڻ لاء مسجد نبوي ۾ ٿيل هي ڪارنامو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي پاڪستان ۽ سعودي عرب هر مشڪل گهڙي ۾ پنهنجو ساٿ ڏنو آهي لکين پاڪستاني جيڪي سعودي عرب ۾ روزگار وسيلي ناڻو ڪمائي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن سان اهڙن واقعن تي پاڪ سعودي دوستي تي خراب اثر به پوندا ۽ اتي ترسيل پاڪستانين لاء سعودي شهرين جي دلين ۾ نفرتون پيدا ٿي سگهن ٿيون انهن بيروزگار ترسيل پاڪستانين لاء پريشانيون وڌنديون پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاء پنهنجو سياسي ڪريڊٽ بهتر بڻائڻ خاطر ملڪي ادارن توڙي ۾ سياسي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ چاهي ٿي باقي اهڙين ڪريل حرڪتن سان دنيا اندر مقبول ٿيڻ بجاء پنهنجي پاڻ لاء هڪ سياسي ڦندو تيار ڪيو پيو دنيا اندر محبت سان مقبوليت وڌائي سگهجي ٿي نفرتن سان ڪنهن به پرائي کي پنهنجو نٿو بڻائي سگهجي بحرحال دنيا جي جمهوري ملڪن اندر احتجاج يا مظاهرا ٿيندا رهيا آهن پر هڪ شهنشاهي حڪومت ۽ انجي پاڪ ۽ مقدس جڳھ جي تقدس پائمال ٿيڻ تي تحريڪ انصاف کي دنيا اندر تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ڪوبه باشعور سياستدان هن روايت کي بهتر نه ٿو سمجهي اهڙي جڳھ جنهن جي حفاظت جو اسان ضامن بڻيل هجڻ جا واعدا ڪيون ۽ انهن جي بيحرمتي به پاڻ ڪيون اهڙي رويي کي سياست نٿو چئي سگهجي تحريڪ انصاف جي بوکلاهٽ مان اندازو ٿي ويو آهي ته هو جمهوريت پسند نه پرتشدد سياسي پارٽي بڻجي رهي جيڪا پنهنجي ملڪي ادارن جي دشمن بڻجي وڃي اها ڪهڙي به جڳھ تي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪُجھ به ڪري سگهي ٿي ۽ تحريڪ انصاف ايئن ڪيو جيڪو انجو نظريو هو بحرحال جيڪو به ٿيو ان ۾ پاڪستاني قوم جو ڪنڌ ھن وقت جهڪيل آهي جيڪڏھن سياسي ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻو هو ته اهو ڪنهن به هنڌ ڪري سگهجي پيو مسجد نبوي جو احترام پائمال ڪري پي ٽي آء پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ وارو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھاڻ ايندڙ وقت ئي ٻُڌائيندو ته ڪير جمهوريت پسند ملڪ دوست يا دشمن آهن ان ڪيل ڪريل حرڪت جو پي ٽي آء کي جلدي نتيجو موصول ٿيڻو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو