مقتول ايم پي اي جا مک قاتل گرفتار نه ٿيا، نياڻي جو اهم اعلان

نوشهروفيروز(ڊ ر) پ پ جي مقتول ايم پي اي شهناز انصاري جا مک قاتل وقارکوکر۽ سندس والد اختر کوکر کي 6 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس گرفتار ڪري ناهي سگهي شهناز انصاري جي نياڻي پاران پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلندي سياست ۾ عملي حصو وٺڻ ۽ پنهنجي ماءُ جي مشن کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. رابطي ڪرڻ تي مقتولا ايم پي اي شهناز انصاري جي وڏي نياڻي فاطمه انصاري چيو ته سندس ماءُ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي ۽ هميشه غريب عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندي رهندي هئي ۽ ڏينهن رات ظلم جون ستايل عورتون پنهنجا مسئلا کڻي امڙ وٽ اينديون هيون جيڪي هوءَ حل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي هئي جنهن ڪري مظلوم عورتون کيس دعائون ڏينديون هيون. هن چيو ته امڙ جي قتل بعد سندس مشن کي ختم ٿيڻ نه ڏيندس ۽ ان مشن کي جاري رکڻ لاءِ هوءَ عملي سياست ڪندي. هوڏانهن ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدارن کي پوليس هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنهن ڪري شهناز انصاري جي وارثن ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانئيل آهي. مرحومه شهناز انصاري جي وڏي نياڻي فاطمه انصاري پوليس ڪارڪردگيءَ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس اڃا تائين قتل جي اهم جوابدارن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته جوابدارن کي زمين ڳهي وئي آهي آسمان جهٽي ويو آهي جو اهي پوليس کي هٿ نه ٿا اچن. هن چيو ته جوابدار آزاد هجڻ ڪري انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿي رهيون آهن. هوڏانهن ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊاڪٽر محمد فاروق اعواڻ جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته جوابدار ڀلي ڪٿي به لڪن پر کين هر صورت ۾ پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو