جوهي (ن سنڌيار) ٻٻر برادري جي سردار ياسر خان ٻٻر ۽ سردار رجب خان شاھاڻي پريس ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت خلاف احتجاج ڪندي پارٽي ڇڏن جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته پيپلزپارٽي ضلعي دادو جي مقامي قيادت جا رويا ۽ ڪاڇي جوهي سميت ضلعي جي ٻين شھرن جي حالت ڏسي پيپلزپارٽي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيان ٿو هن چيو ته پيپلزپارٽي دور اقتدار ۾ دادو ضلعي کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آھن هن چيو ته هنن گورک تي خرچ ڪرڻ بجاء سياحتي مرڪز کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي هن چيو ته جوهي تعلقي تيل گئس سان مالا مال آھي پر ڪاڇو جوهي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي ڪاڇي جا ماڻھو اڄوڪي جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ڪاڇي ۽ جوهي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي, روڊ رستن سميت ٻين بنيادي سهولتن کان به محروم آھن هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سردار جو مقصد آھي برادري جي غريب مسڪينن جي مدد ڪرڻ پر هتي ڪجھ نام نهاد سردار برادري جي غريبن تي ظلم ڪري رهيا آھن آئون هڪ سماجي ۽ ٻٻر برادري سميت مظلومن جو هڏ ڏوکي آھيان, سردار رجب خان شاھاڻي چيو ته ياسر خان ٻٻر جوهي دادو ضلعي اندر سٺو ڪم ڪري رهيو آھي دادو ضلعي کي نوجوان قيادت جي ضرورت آھي ياسر خان هڪ پڙهيل لکيل ۽ باشعور نوجوان قيادت آھي جوهي ڪاڇي جي ماڻھن کي هن هڪ بهترين نوجوان قيادت مليو آھي ان موقعي سانوڻ خان ٻٻر, مير منظور پنهور ٻيا پڻ گڏ هئا










