مقابلي ۾ جوابدار قتل، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي

مقابلي ۾ جوابدار قتل، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)لانڍي جي دائود چورنگي وٽ پوليس سان مقابلي ۾ جوابدار مارجي ويو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ عديل احمد، 2 اهلڪار نديم ۽ محمد ياسر شامل آهن. عرفان بهادر جو چوڻ هو ته جوابدار زخمي پوليس اهلڪار جو پاڙيسري هو ۽ ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو، جوابدار جي سڃاڻپ مجيد جي نالي سان ٿي آهي، جوابدار وٽ گهر ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد موجود هو. هن چيو ته جوابدارن پوليس اهلڪار نديم کي پنهنجي گهر ۾ ڏٺو ۽ مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن بعد جڏهن ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو ته جوابدار مٿن به فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي ملير موجب جوابدار پوليس تي فائرنگ ڪرڻ بعد پاڻ کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن پوليس گهر جو گهيرو ڪيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته پوليس سان فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار مارجي ويو. ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار جي گهرڀاتين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو