اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي 21 مارچ تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم 21 مارچ تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته 8 مارچ تي مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي جڏهن ته ان دوران آئين جي آرٽيڪل 54 (3) تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست تي قانون موجب اسپيڪر کي 14 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ ضروري آهي. ضابطن موجب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر بي اعتمادي جي رٿ تي بحث لاءِ ڏينهن مقرر ڪندو، ٺهراءُ تي ووٽنگ 3 ڏينهن کان اڳ ۽ 7 ڏينهن کانپوءِ نه ٿي سگهي.










