سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)شهيد بينظيرآباد ۾ مفت ايمبولينس سروس فراهم ڪندڙ همدرد فري ايمبولينس سروس جا چوڏنهن سال مڪمل ٿيڻ بعد نيون ايمبولينسون خريد ڪري ان جو افتتاح ڪيو ويو ان سلسلي ۾ هڪ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي همدرد آرگنائيزيشن جي بانيڪار ۽ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري گل محمد رند چيو ته گذريل چوڏنهن سالن کان والد مرحوم حاجي غلام نبي رند جي ايثال ثواب لاءِ سماجي خدمتون ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ مختلف ڪمن سميت همدرد فري ايمبولينس سروس مک شعبو آهي هن چيو ته ايمبولينس گاڏيون جيئن ته هر وقت فٽ هئڻ گهرجن ان ڪري ضرورت محسوس ڪئي ته گاڏيون تبديل ڪري نيون ورتيون وڃن ان ئي سلسلي ۾ اڄ ٻه ايمبولينس وٺي ان جو افتتاح ڪيو ويو آهي. زخمي هجن يا لاش هجن کين اسپپتالن ، گهرن ۽ پنهنجن ماڳن تائين پهچائڻ وارو سلسلو بلڪل فري آهي جڏھن ته ان جو خرچ همدرد آرگنائيزيشن ڀريندي آهي افتتاحي تقريب ۾ ھمدرد سپورٽ پروگرام جو چيئرمين قاضي جاويد سنائي بيريسٽر عمران اڪبر رند، جنرل سيڪريٽري عبدالمجيد عباسي ، قائم جمال رند . عليشير لاکو ، مختيار ڪيريو ، اقبال رند ، ڪامل رند ، ڌڻي بخش مگسي ۽ راشد کهڙو سميت ڪيترائي معززين موجود هئا.










