ڊيره غازي خان(ويب ديسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ٽي ايل پي جي ڌرڻن ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت شرڪت ڪندي هئي پر اسان هن صورتحال مان سياسي فائدو نه ورتو. ڊي جي خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته مفاهمت جو بادشاهه هجان ها ته هر هر جيل نه وڃان ها، سياست ۾ هڪ دائري جي اندر رهي هر شئي ڪرڻ ممڪن هوندي آهي. شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن کي ڀِت سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، اسان ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت کي ٿورو به اسپيس نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي اتحاد ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ بابت فيصلو پي ڊي ايم ڪري سگهي ٿي، پارليامينٽ ۾ پ پ ۽ اي اين پي سان رابطا رهندا آهن. هن چيو آهي ته حڪومت سمجهي رهي آهي ته اچڻ وارو وقت هن لاءِ خطرناڪ آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي پاڻ کي اين آر او ڏيڻ لاءِ نيب آرڊيننس آندو، عمران خان چوندو هو ته مري ويندس پر اين آر او نه ڏيندس، پر عمران خان پاڻ کي ۽ ڪابينا کي اين آرو ڏئي ڇڏيو آهي. نواز شريف جي واپسي بابت پڇيل سوال جي جواب شهباز شريف چيو ته نواز شريف پارٽي جو تا حيات قائد آهي، بيمار آهي، اُن جو لنڊن ۾ علاج ٿي رهيو آهي، صحت مند ٿيندي ئي هو وطن واپس پهچي ويندو.










