معمولي ڳالهه تان جهيڙو ڳوٺاڻو ڪهاڙيون هڻي قتل

معمولي ڳالهه تان جهيڙو ڳوٺاڻو ڪهاڙيون هڻي قتل

جهنڊومري(ن سنڌيار) پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اميد علي خاصخيلي ۾ جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري عبد الخالق خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پيارولنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول ۽ جوابدار وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو جنهن تان هي واقعو پيش آيو، جڏهن ته قتل جي الزام هيٺ آيل لالچند ڀيل کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو