معصوم نينگر کي حراسان ڪرڻ تي پوليس معافي وٺي ڇڏي

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند)ٽنڊو محمد خان جي تعلقه ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن پاران ستين ڪلاس جي شاگرد 12 ساله معصوم نينگر ميثم عباس رند کي حراسان ڪرڻ واري معاملي جو راڄوڻي فيصلي ۾ نبيرو ٿي ويو. ڳالهين دوران پوليس ڏوهي قرار نينگر کي حراسان ڪري کانئس زوري زبردستي ٻهاري ڏياري تذليل ڪرڻ تي پوليس اهلڪارن غلطي تسليم ڪندي معافي گهري ورتي. ان سلسلي ۾ ذميوار پوليس اهلڪارن جون رند قومي اتحاد سنڌ جي سينيئر نائب صدر رئيس زاهد خان رند ۽ معصوم نينگر شاگرد ميثم عباس رند جي والد سماجي اڳواڻ اسدالله رند ۽ ٻين معززين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ تعلقه پوليس جي اهلڪارن ۽ اسٽاپ پنهنجي ڪيل غلطي کي تسليم ڪيو جنهن کانپوء رند قومي اتحاد سنڌ جي سينيئر نائب صدر رئيس زاهد خان رند پوليس اهلڪارن پاران معافي وٺڻ تي کين معاف ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوء دعاخير پڻ گهري وئي زاهد خان رند جي ڏنل معافي واري عمل کانپوء سموري پوليس اسٽاپ سندن شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو