اسلام ڪوٽ(ن س )اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ معصوم نينگري علاج نه ٿيڻ سبب فوت،وارثن پاران لاش کڻڻ کان انڪار،احتجاج،خبرموجب:اسلام ڪوٽ شهر جي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ٿيڻ بعد مڪمل طور تي تباهي ڪناري پهچي چُڪي آهي،اسپتال ۾ مريضن کي انجيڪشن هڻڻ لاءَسرنج موجود ناهي،انهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ کاکڻهيار بجير جا رهواسي صبح سوير اٺ بجي بخار ۾ ورتل 16 ورهين جي نياڻي امنه ڌي الياس بجير کي اسپتال آنڌو ويو،جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي کي رُڳو داخل ڪري ڇڏيو ۽ باقي دوائون نه هجڻ جو چيو،جنهن تي وارث سرنج سميت ٻيون دوائون ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪري آيا،سڄو ڏينهن نياڻي جو علاج نه ٿيڻ بعد نيٺ هُو فوت ٿي وئي،جنهن بعد نياڻي جي وارثن ڊاڪٽر تي علاج نه ٿيڻ ۽ غفلت جو الزام هڻي لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،فوتي نياڻي جي وارثن ستار بجير،منظور بجير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صبح جو 8 بجي ٻارڙي کي داخل ڪرايو هو،جنهن بعد سرنج سميت هر دوا اسان پئسن تي خريد ڪئي،صبح واري شفٽ ۾ موجود ڊاڪٽر کي بار بار چيو ته هتي علاج ناهي اسان کي ڇڏيو مٺي وڃون،ڊاڪٽر اسان ٻُڌڻ لاءِ تيار نه هو،جنهن بعد شام واري شفٽ ۾ آيل ڊاڪٽر ڪنورلال لوهاڻي کي اسان چيو اسان کي مٺي ريفر ڪيو،ڊاڪٽر چيو اسان وٽ ايمبولنس جا ڊرائيور ناهن،اسان انتظار ڪندا رهياسين جيستائين ٻارڙي فوت ٿي وئي،ڊاڪٽرن جي غفلت آهي،ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻي پاسي اسپتال جي ايم ايس پاران انڪوائري ڪري معاملي جي جانچ ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد وارث احتجاج ختم ڪري ٻارڙي جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا،جتي لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو،اسپتال جي ايم ايس ٻُڌايو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي،سرنج ناهن،اسين مريضن کي دوائون لکي ڏيون ٿا،پي پي ايڇ آءِ وارا جيڪي ميڊيسن ڏين ٿا اُهو پوري نه ٿي ٿئي،او پي ڊي وڌيڪ آهي،دوائون گهٽ ملن ٿيون،اسان وٽ مليريا جو ڊوز به ناهي،ڊاڪٽرن ڊيوٽين تي موجود هجن ٿا،










