سکر(جئيرام داس )معذورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڊس ايبل فرينڊس ايسوسيئيشن جي صدر طالب حسين ملاح ، منظور احمد سيال ، طالب حسين خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا آھن ، ھر دفعي سرڪاري نوڪرين ۾ معذرن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ، ھنن چيو ته ھن دور ۾ جتي مھنگائي عروج تي آھي اتي ٻچا پالڻ انتھائي ڏکيو ٿي ويو آھي ، اسان فاڪاڪشيون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ، ھنن سند سرڪار ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته سرڪاري نوڪرين ۾ معذرت ڪوٽا تي عمل ڪرائي احساس ڪم تري ختم ڪئي وڃي.










