اسٽيبلشمينٽ دهشتگردي خلاف جنگ جو ڍونگ بند ڪري، مولانا

اسٽيبلشمينٽ دهشتگردي خلاف جنگ جو ڍونگ بند ڪري، مولانا

لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام(ف) جي قائد مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مان نقلي حڪمرانن، شدت پسندن ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هن خطي ۾ 40 سالن کان خون وهايو پيو وڃي اهو بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته بلوچستان هجي يا خيبرپختونخواه اڄ بارود جي ڍير تي بيٺا آهن. مان پنهنجي اسٽيبلشمينٽ کي سنجيدگيءَ سان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هاڻي دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو ڍونگ بند ڪريو، اوهان آمريڪا جي پيروي ڪندي قبائلي علائقن ۾جنگ جي حالت پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ته جيئن اسان جي مالي ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪري سگهو. فوج اسانکي ٻڌائي ته اسان ته اوهانجو ساٿ ڏنو، مان افغانستان به ويس، ڪامياب به ٿيس پر انکي ناڪامي ۾ ڪنهن تبديل ڪيو؟ هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي اسانکي نتيجا قبول نه آهن. اسانجا حق آهن، قبائلي علائقا معدني ذخيرن سان ڀريل آهن، ٻئي صوبا دولتمند آهن، ناراض نه ٿجو، اوهان آمريڪا جي حڪم تي دهشتگردي خلاف جنگ ٿا وڙهو، آمريڪا سڄي دنيا ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي.

Photo JUIF

هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه اسانجي وسيلن تي قبضي جي سازش آهي. انهن معدني وسيلن تي حق هتان جي ٻارن جو آهي.ڪنهن جو پيءُ به انهن وسيلن تي قبضو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اهو اسلام ۽ جي يو آءِ جي منشور ۽ قومپرست جماعتن جو به اهو موقف آهي ته اسين پنهنجي حقن تي ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته عالمي قوتون پنهنجي معاشي جنگ اسانجي علائقي ۾ وڙهڻ چاهين ٿا، اوهان دوست وڃايا، چين ۽ سعودي جهڙا دوست اسان تي اعتبار نٿا ڪن، چين جي ايڏي وڏي سيڙپڪاري تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا. هن جي تقرير دوران ترانا به هلندا رهيا ۽ ڪنهن مهل هو پشتو ۾ به ڳالهائيندو رهيو. هن چيو ته اوهان مدرسن جي طالبن جي سر تي بندوق تاڻي بيٺا آهيو. هن چيو ته ڇا پاڪستان ان لاءِ ٺهيو هو ته مرد ۽ عورت جو فرق ختم وڃي؟ مولانا چيو ته عدالت ختم نبوت تي وار ڪيو آهي، پارليمان قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو هو پر هي وري اهو فتنو اسان تي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي اسين قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ جو گولڊن جبلي جشن لاهور ۾ ملهائينداسين ۽ سڄي ملڪ جا ماڻهو گڏ ڪنداسين. هن چيو ته اسرائيل قبلا اول تي قبضو ڪيو آهي، 40 هزار فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. 10 هزار فلسطيني ملبي هيٺ دٻيل آهن. پوڙهن ۽ معصوم ٻارن کي قتل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي ٽوڙن جي خلاف آهيون، اسين بلوچن، سنڌين، ڏکڻ پنجاب، گلگت وارن کي پنهنجي پنهنجي معدني وسيلن جو مالڪ سمجهون ٿا ۽ انهن سان گڏ آهيون. ان کان اڳ خيبر پختونخواه جي صوبائي امير مولانا عطاءَ الرحمان چيو ته اڄوڪي امن جلسي ذريعي اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني کي پيغام ٿا ڏيون ته اسانکي قبائلي علائقن يا ڪي پي ۾ وڌيڪ خون خرابو نٿا چاهيون. مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا اسد الرحمان ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو