دبئي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو لاٿ ٿي وئي آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 4 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ برطانوي ڪچي تيل جي نئين قيمت 83.70 ڊالر في بيرل ٿي وئي. آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت به 3.75 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 80.76 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدي جو اعلان ڪيو هو.










