پروگرام ختم ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن باقي، وزيراعظم جو آءِ ايم ايف سان رابطو

پروگرام ختم ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن باقي، وزيراعظم جو آءِ ايم ايف سان رابطو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ٿيڻ ۾ ٽي ڏينهن باقي آهن ۽ اڄ صبح وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن ۾ چوٿون ڀيرو آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان رابطو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايم ڊي آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ صبح ملاقات ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم گڏيل ڪوششن ذريعي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي ڪوآرڊينيشن هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪري ويندي.ان موقعي تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو