معاشي طور ڪمزور نياڻين جي مدد ڪري اڳتي آڻڻو پوندو،جِم پيريز

معاشي طور ڪمزور نياڻين جي مدد ڪري اڳتي آڻڻو پوندو،جِم پيريز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ امريڪي مشن ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن  جي گڏيل سهڪار سان يو ايس ايڊ جي ضرورت ۽ قابليت تي ٻڌل اسڪالرشپ پروگرام ايم اين بي ايس پي تحت وظيفا وصول ڪندڙ  شاگردياڻين سان گڏ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جِم سي پيريز ۽ ايڇ اي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر  شائسته سهيل يو ايس ايڊ  هيٺ اسڪالرشپ پروگرام  ايم اين بي ايس پي  جي ساراهه ڪندي  اهڙي معاشي طور تي پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم حاصل  ڪرڻ جو اثرائتو قدم قرار ڏنو آهي، ان موقعي  ڳالهه ٻولهه ڪندي.

US Aid and HEC celebrated international women day

يو ايس ايڊ  جي جم سي پيريز جو چوڻ هو ته  ڪو به  سماج ايتري تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي ،  جيستائين عورتون ۽ مرد برابري جي بنيادي تي  موقعا ، وسيلا  ۽ زندگي ۾اڳتي وڌڻ جا ذريعا فراهم  نه ٿا ڪيا وڃن. جنهن سان هو پنهنجي زندگي سنوارڻ  سان گڏوگڏ   پنهنجي ڪٽنب  ۽ برادري لاءِ  لاءِ به ڪجه ڪري سگهي .اسانکي اعتماد آهي ته اسانجي ضرورت  ۽ قابليت جي بنياد تي  ملندڙ اسڪالرشپ  جي پروگرام  تحت اسان اعليٰ تعليم  جي ڪميشن سان گڏ  حصيداري ڪري عورتن لاءِ اعليٰ تعليم  حاصل ڪرڻ  جي رستي  ۾ موجود  خال کي گهٽ ڪريون . ڊاڪٽر شائسته سهيل پروگرام جي فائدن کي تسليم ڪندي چيو ته يو ايسڊ هي اسڪالشپ پروگرام شروع ڪري ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم حاص ڪرڻ  ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو آهي  جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي . ان موقعي تي  سکر آءِ بي اي ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، آءِ بي اي ڪراچي  ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري  جي 80 اسڪالرشپ   تحت فارع  ٿيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. جن پنهنجي پنهنجي تجربن  کان آگاهه ڪيو . هنن يو ايس ايڊ جي پروگرام جي  ساراهه  ڪندي چيو ته هن پروگرام  تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين  جو مستقبل روشن آهن . يو ايس ايڊ  پنهنجي ايم اين  بي ايس پي  پروگرام تحت 2004 کان وٺي  هيل تائين قابل  پر  معاشي طور  پٺتي  پيل  عورتن  کي وظيفا   ڏئي ايڇ اي سي  جي ڪوششن  جو ساٿ ڏنو  جنهن  تحت اهي پاڪستاني جماعت ۾ برابري  جي بنيادي  تي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. انهن وظيفن جو انگ وڌائي 3500  ڪيو ويو آهي . جن شعبن ۾ وظيفا ڏنا ويندا آهن انهن ۾  اهي وظيفا ڏنا ويندا  انهن ۾ سڄي پاڪستان  جي 30 سرڪاري  ۽ نجي تعليمي ادارن جي زراعت، انجنيئرنگ،  طب اور سوشل سائنس جا شعبا  شامل  آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو