ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنرباقر رضا چيو آهي ته ملڪ مشڪل ترين معاشي صورتحال ۾ان گذري پيو پر مان يقين سان چوان ٿو ته درست سمت ۾ اڳتي وڌون پيا ۽ حالتون بهتر ٿينديون. اهڙو اظهار هن پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 1947 ۾ جڏهن آزادي ماڻي ته ڪو مالياتي ادارو نه هو، اسٽيٽ بئنڪ پهريون ڀيرو 1948 ۾ نوٽ ڇاپيو. هن چيو ته پاڪستان جون معاشي حالتون خراب آهن پر انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ درست سمت جو تعين ڪري ان تي عمل پيرا آهيون.










