معاشي بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي:لياقت بلوچ

معاشي بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي:لياقت بلوچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نائب اميرجماعت اسلامي پاڪستان ۽ اليڪشن سيل جي چيئرمين لياقت بلوچ چيو آهي ته معاشي بحران شدت اختيار ڪري چڪو، پئٽرول بم سميت 170ارب رپين جو مني بجيٽ پيش ڪري پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت ملڪ کي تباهي جي ڪنڌيءِ تي اچي بيهاريو آهي جنهن جو واحد علاج عام چونڊون آهن، ٽيڪنوڪريٽ يا ڪا ٻي فارمولا آئين کان مٿاهون قدم ۽ مارشل لا کي دعوت ڏيڻ برابر هوندو، 17 آگسٽ تي اسيمبيلن جي مُدت پوري ٿيندي ملڪ ۽ قوم جي مفاد خاطر سموري سياسي قيادت هڪ هنڌ ويهي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ۽ نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ طاقتورقوتون حرڪت ۾ اچي وينديون ۽ پوءِ ڪنهن جي هٿ ۾ ڪجهه به نه ايندو۔ ڪراچي جي عوام مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي ڪاميابي ڏني.ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي هتان جي عوام کي مهانگائي، بي امني، ڪرپشن ۽ ٻوري بند لاشن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو ان ڪري ڪراچي جي عوام پاران جماعت اسلامي کي مليل تاريخي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن چور رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو پاڪستان خلاف غلط قدم هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي انتخابي ۽ سياسي ڪميٽي جي اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر فريد احمد پراچه، صوبائي امير محمد حسين محنتي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته انتخابي ڪميٽي جي چيئرمين ممتاز حسين سهتو اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي چونڊ وڙهندڙ اميدوارن جو جائزو ۽ رپورٽ پيش ڪئي. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته 27 فيبروري تي اسلام آباد ڪنونشن سينٽر ۾ اليڪشن2023جو ڪنونشن منعقد ڪري چونڊ مُهم جي شروعات ڪنداسين جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان نامزد اُميدوار، اڳواڻ ،يوٿ ۽ عورت ونگ جا عهديدار وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته جلد ئي ڪراچي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اميدوارن جو ڪنونشن پڻ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ مرڪزي امير سراج الحق خصوصي خطاب ۽ جماعت اسلامي جي چونڊ منشور جو اعلان ڪندو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اليڪشن سيل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فريد پراچه چيو ته قوم سڀني جماعتن کي آزمائي ورتو آهي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي فقط جماعت اسلامي آڻي سگهي ٿي. صوبائي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هتان جا ظالم وڏيرا ۽ جاگيردار توڙي بدبودار مُدي خارج نظام آهي، جماعت اسلامي قوم کي مخلص ۽ ديانتدار قيادت فراهم ڪيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ غربت، بُک، بيروزگاري ۽ محرومين جي تصوير بڻيل آهي عوام شعور جو مظاهرو ۽ سنڌ ۾ امن توڙي خوشحالي لاءِ هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي.۔ #

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو