مصطفيٰ ۽ روبينا قريشي ڪورونا ۾ وٺجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشي ۽ سندس گهرواري روبينا قريشي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد مصطفيٰ قريشي ۽ سندس گهرواري پاڻ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. 81 سالن ج مصطفيٰ قريشي اردو، پنجابي ۽ سنڌي فلمن ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪيتريون ئي فلمون مشهور آهي پر پنجاب جي سدا بهار فلم مولا جٽ ۾ نوري نٽ جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پڄايو. حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ هن سنڌي اداڪار زندگي جو ڳچ عرصو لاهور ۾ گذاريو. سندس گهرواري روبينا قريشي پڻ ناليواري گلوڪارا آهي. جوڙي ڪورونا ويڪسين به لڳرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو